وفاقي حڪومت ۽ انتظاميه سان ڳالهين جي ڪاميابي بعد تحريڪ لبيڪ جوڌرڻوختم

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ۽ انتظاميه اسلام آباد ۾ فرانسيسي سفير کي ملڪ بدري جي مطالبي سان گڏ ڌرڻو ڏيندڙ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه خادم حسين رضوي سان ڳالهين کانپوءِ مبينا طور چار نقاطي معاهدو ڪيو آهي، ڳالهين جي ڪاميابي بعد ڪجهه ڪلاڪن بعد ان ڌرڻي کي ختم ڪيو ويو آهي، حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته ان ڳالهين ۾ طئي ڪيل شرطن بابت اعلان تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم رضوي پاڻ ڪندو، ڳالهين جي ڪاميابي بعد تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ هاڻ ٽريفڪ ۽ موبائيل سروس بحال ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔