افغان صوبي بدخشان ۾ طالبان جو حملو، 12 پوليس اهلڪار مارجي ويا

ڪابل: افغانستان جي صوبي بدخشان ۾ طالبان جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار مارجي ويا آهن. افغان ميڊيا موجب طالبان  پاران بدخشان جي ضلعي جوروم ۾ حملو ڪيو ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان جي صوبي فرياب ۾ ڪار بم ڌماڪي ۾ 4 پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

افغان ميڊيا موجب ڌماڪو ضلعي المار ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر جي ٻاهران ڪيو ويو. ڪنڌار جي پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جو ان حوالي سان چوڻ هو ته زخمين ۾ سپاهي ۽ سويلين ٻئي شامل آهن. ڪنهن به تنظيم ڌماڪي جي ذميواري قبول  نه ڪئي هئي. ان کان علاوه افغانستان جي صوبي تخار ۾ هوائي حملي سبب 12 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 14 زخمي ٿي پيا هئا.

افغان ميڊيا موجب هوائي حملو ضلعي بهارڪ ۾ مدرسي مٿان ڪيو ويو. ان کان اڳ افغانستان جي شهر جلال اباد ۾ پاڪستان جي قونصل خاني جي ٻاهران افراتفري مچڻ سبب عورتن سميت 15 ڄڻا مارجي ويا هئا. افغان ميڊيا موجب افراتفري قونصل خاني جي ٻاهران ويزا کي حاصل ڪرڻ جي وقت افراتفري مچي. قونصل خاني جي ٻاهران 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا.

عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي رائٽرز موجب مارجي ويل 15 ڄڻن ۾ 11 عورتون به شامل هيون جڏهن ته زخمي ٿيندڙ ماڻهن ۾ بزرگ به شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔