ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ عوام کي پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو: ڊاڪٽر فيصل سلطان

اسلام آباد: وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ شهرين کي پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيوته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي لاءِ احتياط لازمي آهي.

اويس منگل والا ۽ شفا يوسفزئي سان ڳالهين دوران ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته گذريل ڏينهن اين سي او سي اجلاس ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي قدمن تي ڳالهيون ٿيون. پاڪستان ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪورونا ڪيس گهٽ آهن.

هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي)  هڪ اڻڌريو ادارو آهي جيڪو   قومي مفاد ۾ ڳالهيون ڪندو آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته بهترين قرنطينه سينٽر گهرن ۾ ئي ممڪن آهي. ڪجهه شهرن ۾ ناقص  صحت  واري نظام جو مسئلو ۽ ڪورونا وائرس جو دٻاءُ موجود آهي.

فيصل سلطان وڌيڪ چيو ته اين سي او سي ۾ مارڪيٽن جي وقت ۽ ٻين معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ايندڙ هفتي تعليمي ادارن ۽ ٻين معاملن بابت فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔