برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ٻن هفتن لاءِ قرنطينه ۾ هليو ويو

لنڊن: برطانوي وزيراعظم بورس جانسن پان کي ٻن هفتن جي لاءِ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب بورس جانسن هڪ اهڙي شخص سان رابطي ۾ هو جنهن جو تازو ئي ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي ۽ هاڻ هن پنهنجو پاڻ کي به قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جو چوڻ آهي ته اهڙي شخص جنهن جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي ان سان گڏ ئي رابطي ۾ رهڻ کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي 2 هفتن جي لاءِ آئسوليٽ ڪري ورتو آهي پر مان بالڪل ٺيڪ آهيان.بورس جانسن وڌيڪ چيو هن ٻن هفتن جي دوران سمورن حڪومتي انتظامن، وڊيو ڪانفرنس، ڪالنگ ايپ زوم جي ذريعي انجام ڏيندس. ياد رهي ته برطانوي وزيراعظم کي اپريل ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي جنهن کان پوءِ هو تقريبن 4 ڏينهن(آءِ سي يو) ۾ علاج هيٺ رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔