ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 33 انساني جانيون کسي ورتيون

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 33 انساني جانيون کسي ورتيون، 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 50 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو مجموعي انگ 3 لک 63 هزار 82 ٿي ويو، اين سي او سي موجب ايڪٽو ڪيسن جو انگ 29 هزار 55 ٿي ويو، عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 7 هزار 193 ٿي ويو، حيدرآباد ۾ ڪورونا ۾ ورتل پيرسن شخص دم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔