وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه  جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن جو ايجنڊا 14 نڪتن تي ٻڌل آهي.

ڪابينه جي جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي معاشي ۽ ڪورونا جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو. اسلام آباد وائلڊ لائف مينجمينٽ بورڊ جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي.

نيشنل ڪميشن براءِ انساني حقن جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري  جو به امڪان آهي. پريس ڪائونسل پاڪستان جي ميمبرن جي نوٽيفڪيشن جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

اسمنگلنگ جي روڪٿام بابت آرڊيننس ۾ اختيارن جي فراهمي جي منظوري ڏني ويندي. اهم پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائزز ڪي سي اي اوز جي مقرري جي عمل تي به بريفنگ ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔