جرمني ۾ لاڪ ڊائون خلاف شهرين جو احتجاج، جهڙپن ۾ ڪيترائي زخمي

برلن: جرمني ۾ لاڪ ڊائون خلاف شهري رستن تي اچي ويا،پوليس ان موقعي تي واٽر ڪين جو استعمال ڪيو.
جرمني شهر فرينڪفرٽ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن لاڪڊائون ۽ پابندين خلاف مظاهرو ڪيو، پوليس پاڻي جي توپ هلائي ته سيءَ جي ڪري ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته سيڪيورٽي اهلڪارن سان جهڙپن ۾ ڪافي ماڻهو زخمي ٿيا.
ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب جرمني ۾ وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون آهن، هن وقت تائين 12 هزار 692 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا، ملڪ ۾ وبا جو شڪار ٿيل ماڻهن جو انگ 8 لک 2 هزار 944 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته ايڪٽو ڪيسن جو انگ 2 لک 87 هزار 952 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔