پي ايس ايل فائنل: ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندر ۾ مقابلو اڄ ٿيندو

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ جاري پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 5 پنهنجي آخري مرحلي طرف وڌي رهيو آهي.
ميچ پاڪستاني وقت موجب رات 8 وڳي فلڊ لائٽس ۾ ٿيندو، ڪراچي ڪنگز جي قيادت عماد وسيم ڪندو جڏهن ته رانديگرن ۾ علي خان، اويس ضياءَ ڪيمرون ڊيلپورٽ، افتخار احمد، محمد رضوان، شرجيل خان، عمير خان، عامر يامين، ارشد اقبال بابراعظم، ڪرس جورڊن، محمد عامر، عميد آصف، اسامه مير، چاڊوڪ والٽن، وقاق مقصود، وين پارنل، شير فين رودر فورڊ ۽ اليڪس هيلز شامل آهن.
لاهور قلندر جي ٽيم سهيل اختر جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ دلبر حسين، سمت پٽيل، شاهين آفريدي، بين ڊنگ، فخر زمان، جاويد علي، محمد حفيظ، سلمان بٽ، عثمان شنواري، محمد فيضان، راجا فرزان، ڊين ولاس، سلمان ارشاد، ماز خان، حارثر رئوف، تميم اقبال، ڊيوڊ ويز، آغا سلمان ۽ عابد علي شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔