آمريڪا ۾ ڪورونا ويڪسين جو هڪ ٻيو ٽرائل ڪامياب ٿي ويو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ ڪورونا کان بچاءَ جي هڪ ٻي ويڪسين جي ٽرائل جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن.
نتيجن موجب نئين ويڪسين وبائي مرض جي خلاف 95 سيڪرو تائين تحفظ فراهم ڪري رهي آهي.
اها نئين ويڪسين آمريڪا جي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني موڊرنا تيار ڪئي آهي جنهن جي مرض کان تحفظ جي شرح 30 هزار ماڻهن جي ٽرائل جي نتيجن مان حاصل ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب في الحال اهو چوڻ اڳڪٿي هوندي ته ويڪسين جو اثر ڪيتري دير رهي ٿو.
پر ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين نتيجا اهي رهيا آهن ته وقت گذرڻ باوجود ويڪسين جو اثر گھٽ ناهي ٿي رهيو.
ان کان اڳ آمريڪا دوا ساز ڪمپني فائزر دعويٰ ڪئي هئي ته ان جي تيار ڪيل ڪورونا وائرس جي ويڪسين 90 سيڪڙو تائين اثرائتي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب فائزر ڪمپني دعويٰ ڪئيآهي ته جرمن دوا ساز اداري بائيون ٽيڪ جي ڀائيواري سان تيار ڪيل ويڪسين پنهنجي ٽين آزمائشي مرحلي ۾ ڪورونا کي روڪڻ ۾ 90 سيڪڙو تائين اثرائتي ثابت ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔