بلال سعيد ۽ مومنه مستحسن پاران گيت ”باري 2“ جلد رليز ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: گلوڪار بلال سعيد ۽ مومنه مستحسن پنجابي رومانوي گيت ”باري“ جي مشهور ٿيڻ کان پوءِ مداحن کي انگيت جو ري ميگ جلد رليز ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
رومانوي گيت باري گذريل سال رليز ڪيو ويو هو جنهن ۾ گلوڪارا مومنه مستحسن ۽ گلوڪار بلال سعيد پنهنجي سريلي آواز جو جادو جڳايو هو.
مومنه مستحسن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته باري گيت جي ڪهاڻي هڪ اهڙي نوجوان ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪا ٽٽل دل باوجود محبت کي هڪ ٻيو موقعو ڏئي ٿي.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ٽٽل دل سان محبت کي ٻيو موقعو ڏيندڙ ڇوڪري جي ڪهاڻي ۾ اڳتي ڇا ٿيو؟ ان بابت جلد ئي مداح باري 2 ۾ ڏسندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔