پاڪستان ۾ عورتن تي شاديءَ لاءِ دٻاءُ رهي ٿو: مديحه امام

لاهور: اداڪاره مديحه امام چيو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ عورتن مٿان شاديءَ جو دٻاءُ هوندو آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب مديحه امام جو چوڻ هو ته پاڪستاني معاشري ۾ ڇوڪريءَ جي عمر 29 سال ٿيندي آهي ته شادي نه ڪرڻ تي ماڻهو حيرت جو اظهار ڪندا آهن ۽ کانئس شادي جو بار بار پڇندا آهن.
اداڪاره جو چوڻ هو ته ڇوڪرين کان شادي جو بابر بار پڇڻ جو تعلق اميري غريبي سان ناهي هوندو ۽ نه ئي ان جو تعلق تعليم يا جهالت سان آهي، اسان ان سوچ ۽ رويي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت محسوس نٿا ڪريون، ڇو ته اسان جي وڏن کي لڳي ٿو اهوئي طريقو درست آهي، مديحه چيو ته اهرين روايتن کي ڊرامن ۽ فلمن ذريعي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اداڪاره وڌيڪ چيو ته اسان جي معاشري ۾ مرد حضرات پاڻ کان وڌيڪ پئسا ڪمائيندڙ عورت سان شادي ناهن ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔