ڪورونا: واپارين جي تنظيم لاڪ ڊائون کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور: ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ حڪومت جي لاڪ ڊائون کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ ۽ سيڪريٽري نعيم مير دڪا، شادي هالز ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جهڙين سفارشن کي رد ڪري ڇڏيو.
هن جو چوڻ هو ته ماڻهو بهتر ڄاڻن ٿا ته ڪورونا کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي، هزارين ماڻهن جا جلسا ٿي رهيا آهن، اتي ڪورونا نٿو ڦهلجي؟
پريس ڪانفرنس ۾ صدر اجمل بلوچ ۽ نعيم مير جو چوڻ هو ته هن ڀيري لاڪ ڊائون ۾ ڪام ڊائون نه ڪنداسين، نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت ڪورونا جي آڙ ۾ پهريان ئي اربين روپيا کائي چڪي آهي.
واپاري اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جيڪڏهن زبردستي ڪئي ته دڪان بند ڪري پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شامل ٿينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔