شيرين مزاري پاران ڪشمور ۾ عورت ۽ سندس ٻارڙيءَ سان زيادتي واقعي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد: انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ڪشمور ۾ عورت ۽ سندس معصوم ٻارڙيءَ سان زيادتي جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دردناڪ واقعي مان خبر پوي ٿي ڪهڙي ريت وحشي جوابدار سماجي قدرن جا بَکيا اڊيڙي رهيا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ڪندي شيري مزاري چيو ته اطلاع مليو آهي ته هڪ جوابدار رفيق ملڪ کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو.هن چيو ته هينئر به ٻه جوابدار فرار آهن، جوابدارن کي گرفتار ڪري سنڌ حڪومت قانون تي عملدرآمدکي يقيني بڻائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔