جميل سومرو گلگت ۾ مزا پيو ماڻي پر عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، صوبائي وزير سهيل انور سيال خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ زمين جي منتقلي واري ڪيس ۾ شريڪ جوابدار جميل سومرو پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ريمارڪس ڏنا آهن ته جميل سومرو گلگت ۾ مزا ماڻي رهيو آهي پر عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهيءَ ۾ بئنچ اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال، سندس ڀاءُ ظفر سيال ۽ شريڪ جوابدار جميل سومرو جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ زمين جي منتقلي واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻيءَ دوران صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ ظفر سيال پيش ٿيا، جميل سومرو غير حاضر هئڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترائي ماڻهو عدالت ۾ پيش ٿيڻ ئي نٿا چاهين.وڪيل مڪيش الرڙا ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته جميل سومرو چونڊ مهم جي سلسلي ۾ گلگت بلتستان ۾ موجود آهي، جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏنا ته جميل سومرو گلگت ۾ مزا وٺي رهيو آهي پر عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو.عدالت پڇاڻو ڪيو ته جميل سومرو جي ٽڪيٽ ڪٿي آهي؟ جنهن تي وڪيل وراڻيو ته اها ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پيش ڪئي ويندي.عدالت وڪيل جي استدعا تي جميل سومرو جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي سهيل انور سيال ۽ ظفر سيال جي عبوري ضمانت ۾ 24 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي نيب کان به اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته نيب پيشيءَ دوران مون ڪاغذ به گهريا هئا، ڄاڻ ناهي ته ڪهڙي بنياد تي انڪوائري مڪمل ڪئي وئي آهي.سهيل سيال چيو ته آءِ جي سنڌ جي اغوا واري معاملي تي آرمي چيف پاران جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ بعد غلط فهميون ختم ٿي ويون، سنڌ حڪومت جي جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ اڃا ناهي آئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔