نيب انڪوائري ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سردار چانڊيو ضمانت ڪرائي ورتي

ڪراچي: پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو هڪ ٻي نيب انڪوائري ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ضمانت ڪرائي ورتي، عدالت سردار خان چانڊيو جي 10 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي نيب سان سهڪار جي هدايت ڪئي آهي.قومي احتساب بيورو جي ڪرپشن خلاف وٺ پڪڙ سبب پيپلز پارٽي جو ايم پي اي سردار خان چانڊيو هڪ ٻي نيب انڪوائري ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو.وڪيل معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ سردار خان چانڊيو موقف اختيار ڪيو ته نيب سکر 17 نومبر تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس اماڻيو آهي ۽ بئنڪ ٽرانزيڪشن به طلب ڪئي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪندي چيو ويو آهي ته سردار چانڊيو جي گرفتاري جو خدشو آهي، جنهن ڪري ضمانت منظور ڪئي وڃي.عدالت سردار چانڊيو جي 10 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي نيب سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هڪ ٻي نيب انڪوائري ۾ 10 لک رپين عيوض ضمانت منظور، عدالت پاران سردار چانڊيو کي نيب سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت، سردار چانڊيو آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري انڪوائري ۾ به ضمانت تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔