ٽرمپ وٽ اقتدار جي منتقلي کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي:جوبائيڊن

واشنگٽن : امريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار جي منتقلي کان انڪار واري بيان کي مذاق قرار ڏيندي کيس ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ٽرمپ وٽ اقتدار جي منتقلي کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي. امريڪي صدارتي چونڊن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏيندڙ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن چيو آهي ته هو صدارتي چونڊون کٽي چڪو آهي، ٽرمپ جو چونڊ نتيجا مڃڻ کان انڪار شرمندگي جو اعتراف آهي. جوبائيڊن چيو ته ٽرمپ وٽ اقتدار جي منتقلي کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي، هو ساڻس ڳالهين لاءِ به تيار آهي. امريڪا جي نئين چونڊيل صدر عالمي اڳواڻن کي پيغام ڏيندي چيو ته امريڪا اڪيلو ناهي، گيم ۾ واپس وڃي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔