پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 21 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 1708 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 21 مريص حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 7 هزار 21 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ هزار 708 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ متاثر ماڻهن جو ٽوٽل انگ 3 لک 48 هزار 184 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا 3 لک 20 هزار 65 مريض صحتياب ٿي ويا ۽ 21 هزار 98 مريض علاج هيٺ آهن.

سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 1 لک 51 هزار ۽ پنجاب ۾ هڪ لک 7 هزار 831 آهي. خيبرپختونخواهه 41 هزار  69، اسلام آباد 22 هزار 432، بلوچستان 16 هزار 195، آزاد ڪشمير 4 هزار 911 ۽ گلگت ۾ 4 هزار 394 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 429، سنڌ ۾ 2 هزار 690 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ فوتين جو انگ هڪ هزار 294، اسلام آباد 247، بلوچستان 154، گلگت بلتستان 93 ۽ آزاد ڪشمير ۾  فوتين جو انگ 114 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔