ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا پاڪستانين جي ذهنيت بابت بيان تي وضاحت پيش ڪري ڇڏي

لاهور: مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستانين جي ذهنيت بابت ڏنل بيان تي وضاحت ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان سان گڏ ئي پاڪستان مستقو طور تي ڇڏي جاپان منتقل ٿيڻ جي حوالي سان به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.رپورٽ موجب ڪجهه ڏينهن اڳ جنت مرزا سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ مداح سان ڳالهيون ڪندي چيو هو ته هو پاڪستان مستقل طور تي ڇڏي هاڻ جاپان منتقل ٿي رهي آهي ۽ جڏهن مداح هن کان ان جو سبب پڇيو ته هن چيو هو ته پاڪستان تمام سٺو ۽ پيارو آهي پر هتان جي ماڻهن جي ذهنيت سٺي ناهي ان لاءِ مان جاپان منتقل ٿيڻ چاهيان ٿي.جنت مرزا جي ان بيان تي نه صرف ان جا مداح ڪافي مايوس ٿي ويا هئا پر پاڪستانين جي ذهنيت جي حوالي سان ڏنل بيان ڪيترن ئي ماڻهن کي پسند نه آيو هو جنهن سبب جنت مرزا مٿان ڪافي تنقيد به ڪئي وئي پر هاڻ هن انسٽاگرام تي هڪ لائيو سيشن جي دوران پنهنجي بيان جي وضاحت ڪئي آهي.جنت مرزا چيو ته ڪيترائي وڏا چينلز اها خبر هلائي ته جنت مرزا پابندي جي ڪلچر سبب پاڪستان ڇڏي رهي آهي پر مون ڪڏهن به ائين ناهي چيو ته مان پابندين جي ڪلچر سبب پنهنجو ملڪ ڇڏڻ چاهيان ٿي ۽ ٻئي ڳالهه مان پاڪستان ڇڏڻ جي ڳالهه ان لاءِ چئي هئي ڇو ته ان وقت ٽي وي تي ٻارڙين ۽ عورتن سان زيادتي جي حوالي سان تمام گهڻيون خبرون اچي رهيون هيون.جنت مرزا موٽر وي زيادتي ڪيس جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته عورت سان زيادتي ٿيڻ تي پوليس آفيسر(سي سي پي او عمر شيخ) الٽو ان عورت کي ئي ڏوهاري قرار ڏيندي چيو ته ان عورت کي اڪيلي گهر مان ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي ها. ان ڪري مان پاڪستانين جي خراب ذهنيت جو لفظ سڀني جي لاءِ نه پر ان پوليس آفيسرن جيان ڪجهه ماڻهن جي لاءِ استعمال ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔