سڀ کان ننڍي مڇي پڪڙڻ تي وڏو انعام….

ٽوڪيو: عام طور تي مڇي پڪڙڻ جي مقابلن ۾ سڀ کان وڏي مڇي پڪڙڻ کي ڪاميابي سمجهيو ويندو آهي پر جاپان ۾ سڀ کان ننڍي مڇي کي ئي وڏو سمجهيو وڃي ٿو ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي جو هن مقابلي ۾ ڏور سان ئي مڇي پڪڙي وڃي ٿي. هن عمل کي خرد ماهيگيري يا مائيڪرو فشنگ به چيو وڃي ٿو. جاپان م سوين سالن کان اهو رجحان آهي جنهن کي ٽاناگو فشنگ چيو وڇي ٿو. هن ۾ سڪي جيتري ننڍي مڇي کي پڪرڻ ئي سڀ کان وڏي مڇي پڪڙڻ جو اهم ڪارنامو سمجهيو وڃي ٿو. هن مقابلي ۾ ننڍي مڇي پڪڙڻ کي مهارت سمجهيو وڃي ٿو. جاپان ۾ ننڍين شين جو رجحان هر هنڌ ڏٺو وڃي ٿو. ننڍن وڻن جو هنر به جاپان مان آيو، جاپاني ننڍا گهر ٺاهڻ جا به ماهر آهن ۽ ننڍين مڇين کي پڪڙڻ به هنن کان سکيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔