آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ ٿي ويو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ ڪورونا انفيڪشنز جو انگ هڪ ڪروڙ کان به وڌي ويو.
آمريڪا ڪورونا وائرس سان متاثر ترين ملڪن ۾ اڳ ئي پهرين نمبر تي هو، جتي هاڻ عالمي وبا سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 ملين تائين پهچي ويو آهي.
ڪورونا وائرس سان متاثر ترين ملڪن ۾ ڀارت جو ٻيو نمبر آهي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران 45 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ڪورونا متاثرن جو ڪُل انگ 85 لک 53 هزار 657 ٿي ويو آهي.
هوڏانهن سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس 5 ڪروڙ کان وڌيڪ انسانن کي متاثر ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔