بغداد ۾ فوجي چوڪيءَ تي حملو، 11 ڄڻا مارجي ويا

بغداد: عراقي تخت گاهه بغداد ۾ هوائي اڏي ڀرسان هڪ فوجي چوڪي تي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا آهن.
عراقي فوج جي ذريعن موجب داعش جي هڪ گروهه الردوانيه ۾ عراقي فوج جي هڪ چوڪيءَ تي آچر جي رات دير سان حملو ڪيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ چئن گاڏين ۾ سوار ٿي آيا هئا، جن چوڪي تي گرينيڊ ۽ آٽوميٽڪ هٿيارن سان حملو ڪيو.
هنن ٻڌايو ته ان حملي ۾ چوڪي تي مقرر حاشد قبيلي جا 5 جوان ۽ 6 مقامي ماڻهو مارجي ويا.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي ۽ پوليس فروسز حملو ڪندڙن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔