غير قانوني پلاٽ الاٽمنٽ ريفرنس، نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

لاهور: احتساب عدالت غير قانوني پلاٽ الاٽمنٽ ريفرنس ۾ پيش نه ٿيڻ تي اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا،عدالت نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي جائيداد ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.احتساب عدالت جي جج اسد علي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي،هڪ مهيني جو وقت گذرڻ جي باوجود نوازشريف عدالت ۾پيش نه ٿيو.عدالت ، نوازشريف جا ضمانت نه ٿيڻ جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ان جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت نيب ۽ ريونيو ڊپارٽمنٽ کي ايندڙ ٻڌڻي تي جائيداد ضبط ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 26 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔