سنڌ هاءِ ڪورٽ آبپاشي کاتي جي زمينن تان هڪ هفتي ۾ قبضا ڇڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ آبپاشي کاتي جي زمينن تان هڪ هفتي ۾ قبضا ڇڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٻڌڻي دوران آبپاشي ۽ روينيو کاتي جا عملدار پيش، عدالت قبضا ختم ڪرڻ لاءِ رينجرز کان مدد وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به آبپاشي کاتي جي زمين تي اڏاوتون ڪرڻ جي اجازت نه آهي، عدالت طرفان سمورن ڊي سيز کي سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔