سپريم ڪورٽ پاران قتل ڪيس ۾ 80 سالن جي جوابدار ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ۾ 80 سالن جي جوابدار جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، پوليس جوابدار کي عدالت جي اڱڻ مان گرفتار ڪري ورتو..ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي.جوابدار تي گذريل سال دوڪاندار نويد چاند کي پٽن سان گڏجي قتل ڪرڻ جو الزام هو.جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جاچ ۾ شامل رهيو آهي، سينئر سٽيزن آهي، ان جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ايف آءِ آر مطابق جوابدار غلام رسول مقتول کي صرف للڪاريو هو.سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدار للڪاريو هو ۽ پنهنجن پٽن کي قتل ڪرڻ جي هشي ڏني،جوابدار جا پٽ هينئر تائين مفرور آهن،هن جا پٽ ٻين ڪيسن ۾ به گهربل آهن.عدالت ريڪارڊ چيڪ ڪرڻ کانپوءِ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔