رمضان شگر ملز ڪيس: حمزه شهباز جي پيشي بابت فيصلو محفوظ

لاهور: رمضان شگر ملز اسڪينڊل ڪيس ۾ گذريل ٻڌڻي تي حمزه شهباز کي پيش نه ڪرڻ واري معاملي تي احتساب عدالت سمورن آفيسرن جي رپورٽ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 17 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.لاهور جي احتساب عدالت جي جج امجد نذير چوڌري جي سامهون پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز کي پيش ڪيو ويو. حمزه شهباز کي گذريل ٻڌڻي دوران پيش نه ڪرڻ تي عدالت پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته جوابدار کي ڇو پيش نه ڪيو ويو؟هوم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري عدنان اعواڻ شوڪاز نوٽيس جو لکت ۾ جواب وٺي عدالت ۾ پيش ٿي ويو.هن عدالت کي ٻڌايو ته حمزه شهباز کي پيش ڪرڻ جوڊيشل پوليس جي ذميداري آهي،معاملي جي خبر پئي ته فوري انڪوائري شروع ڪئي وئي.عدالت جي پڇاڻي تي جيل عملدارن ٻڌايو ته اسان حمزه شهباز کي پوليس حوالي ڪيو هو،ايس پي هيڊ ڪوارٽرز چيو ته حمزه بڪتر بند ۾ ويهڻ کان انڪار ڪيو ۽ واپس هليو ويو.جج معلوم ڪيو ته اهڙو ڪيترا ڀيرا ٿيو آهي ته جوابدار عدالت ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو هجي؟ايس پي هيڊ ڪوارٽر چيو ته ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي.عدالت پڇيو ته ان جو ذميدار ڪير آهي؟ توهان جي روش مان لڳي ٿو ته رياست ناڪام ٿي وئي آهي، پوليس عملدار عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي.حمزه شهباز ٻڌايو ته عدالت کي گمراهه ڪيو پيو وڃي،17 مهينن کان پيش ٿي رهيو آهيان،منهنجي چيلهه ۾ سور آهي،ان بابت پوليس کي آگاهه ڪيو،مون ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪيو،هن عمران خان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هڪ شخص ڏاڙهي تي هٿ ڦيري چيو ته تو کي ڏسي وٺندس، عدالت حمزه شهباز کي سياسي ڳالهه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،عدالت ٻڌڻي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔