گلگت ۾ ن ليگ پاران ڌانڌلي جو گوڙ شڪست جو اعتراف آهي: شبلي فراز

اسلام آباد:سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ ن ليگ جي قيادت جو ڌانڌلي جو گوڙ شڪست جو اعتراف آهي.سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته هميشه ڌانڌلي جي ذريعي قوم مڙهيل رهڻ وارن جي واويلا ڪارگر ثابت نه ٿيندي. هن چيو ته گلگت بلتستان جو عوام ن ليگ کي چڱي ريت سڃاڻي ٿو.وفاقي وزير چيو ته عوام سوال پڇي رهيو آهي ته ن ليگ وارا 5 سالن ۾ ڪجهه ڪري نه سگهيا ته هاڻ ڇا ڪندا؟واضح رهي ته گلگت بلتسان ۾ عام چونڊون جيئن ئي ويجهيون ٿينديون پيون وڃن، حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪٻئي تي ڌانڌلين جا الزام مڙهي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔