ايان علي خلاف مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪارروائي جي درخواست خارج

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ مان ماڊل گرل ايان علي وڏو ريليف ملي ويو آهي، عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ايان علي جي خلاف مني لانڊرنگ جي خاتمي واري ايڪٽ تحت انڪوائري جي درخواست ر د ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪسٽم عملدارن جي ڪيس ۾ مني لانڊرنگ جا قلم شامل ڪرڻ جي استدعا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جسٽس غلام اعظم قمبراڻي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڪسٽم عملدارن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪسٽم جي خصوصي عدالت جو فيصلو برقرار رکيو آهي، ڪسٽم جي خاص عدالت جي 31 مارچ 2016 جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻي هيٺ هئي.ماڊل ايان علي تي پنج لک ڊالرن جي رقم اسمگلنگ جو الزام هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔