بلاول اهڙو بيان ناهي ڏنو، جنهن تي نواز شريف کي اعتراض هجي: مريم نواز

اسلام آباد: پي ڊي ايم طرفان نواز شريف جي خطابن بابت بلاول ڀٽو جي بيان تي بحث ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ اڄوڪي اجلاس دوران بلاول ڀٽو جي انٽرويو تي بحث ڪيو ويندو، اجلاس ۾ پشاور واري جلسي سوڌو حڪومت خلاف تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويندا، گلگت بلتستان جي چونڊن ۽ جـِي بـِي کي عبوري صوبي بڻائڻ واري وزيراعظم جي اعلان تي به غور ٿيندو، مريم نواز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي انٽرويو ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي آهي، جنهن تي نواز شريف کي اعتراض هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔