نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي تصديق لاءِ درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽس جي ڪميشن جي ذريعي جاچ ڪرائڻ جي درخواست بابت بينچ جوڙي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽس جي ڪميشن جي ذريعي جاچ ڪرائڻ جي درخواست جمع ڪرائي هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست جي ٻڌڻ لاءِ خاص بينچ جوڙي ڇڏي آهي.نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽس جي ڪميشن ذريعي جاچ ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بينچ ڪندي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 24 نمبر تي ٿيندي.واضح رهي ته نوازشريف جي اپيلن تي خصوصي بينچ ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 24 نومبر تي ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔