عمران خان جي حڪم تي شهباز شريف تي جيل سختيون ڪيون ويون: مريم اورنگزيب

لاهور: ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب ڪوٽ لکپت جيل جي سپرينٽينڊنٽ تي دٻاءَ وجهڻ وارن حڪومتي هٿڪنڊن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران صاحب جيل سپرينٽينڊنٽ تي دٻاءَ وجهڻ بدران مهانگائي تي عوام جو دٻاءَ محسوس ڪري.جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي سختيون ڪرڻ سان نوازشريف ۽ عوام توهان کي اين آر او نه ڏيندو.هن چيو ته عمران صاحب شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بڪتربند ۾ آڻڻ سان توهان جو اقتدار نه بچندو.ن ليگ ترجمان چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سان جيل ۾ عام قيدين کان خراب سلوڪ تي اٽي ۽ کنڊ چور خوش ٿين پيا.مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب معيشت جي تباهي تي فڪرمند ناهي،شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي زمين تي سمهاري خوش ٿئي ٿو.هن چيو ته اٽي ۽ کنڊ چور روزگار ڏيڻ جي حڪمت عملي نٿا ٺاهين، پر شهباز شريف جي نماز لاءِ ڪرسي ڏيڻي آهي يا نه،جي حڪمت عملي جوڙين ٿا.ترجمان چيو ته ڪرائي جا ترجمان عوام کي ريليف ڏيڻ جي خبر ڏيڻ بدران شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سان ڪهڙو سلوڪ ٿي رهيو آهي؟ جي خبر رکي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔