پاڪستان جي دوري تي پهتل بوسنيا جي صدر جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات

راولپنڊي : پاڪستان جي دوري تي پهتل بوسنيا جي صدر جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات، جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل ملاقات دوران دفاعي مامرن ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب بوسنيا جي صدر خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته بوسنيا سان ڀائپي ۽ محبت تي ٻڌل لاڳاپن کي پاڪستان اهميت ڏئي ٿو، بوسنيا جي صدر طرفان جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي گُل رکِي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔