بلاول ڀٽو جي بيان پي ڊي ايم جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هڻي ڇڏيو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد / لاهور: بلاول ڀٽو جي بيان پي ڊي ايم جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هڻي ڇڏيو، پنجاب جي سُڌ سماءَ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فرزندِ زرداري پاڻ کي نواز ليگ جي بيانيي کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير شبلي فراز، بلاول ڀٽو جي انٽرويو تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پ پ سوڌو ڪابه جماعت نواز شريف جي بيانيي جو حصو نه آهي، نواز شريف جي بيانيي سان پي ڊي ايم تي ناڪاري اثر پيا، ٿي سگهي ٿو ته پشاور وارو جلسو ملتوي ٿي وڃي، اپوزيشن جماعتون نواز شريف جي بيانيي جو ساٿ نه ڏينديون، وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مون اڳ ئي چيو هو ته پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي، نواز شريف سان ڪابه پارٽي گڏ نه رهي سگهندي، هُن پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔