نوازشريف جي تقرير ٻڌي ڌچڪو لڳو، فوجي قيادت جو نالو وٺڻ هن جو پنهنجو فيصلو هو: بلاول

گلگت: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ڊي ايم جي جلسي ۾ فوجي قيادت جو نالووٺڻ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف جو پنهنجو فيصلو هو.

برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ڊي ايم جي جلسي ۾ نوازشريف جي تقرير ٻڌي ڌچڪو لڳو، انتظار آهي ته نوازشريف ڪڏهن ٿو ثبوت پيش ڪري.

هن جو چوڻ هو ته عام طور تي جلسن ۾ اهڙي طرح جي ڳالهه ناهي ڪئي ويندي، فوجي قيادت جو نالو وٺڻ نوازشريف جو ذاتي فيصلو هو، ان جي پنهنجي سياسي پارٽي آهي، آئون ان کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهان.

هن چيو ته ٻه ئي رستا آهن، انتهاپسند رويو اختيار ڪريون يا بيهي سوچون ته ڪيئن اڳتي وڌڻو آهي، تسليم ڪرڻو پوندو ته ترقي پسند جمهوريت ئي واحد رستو آهي ۽ ڪمزور جمهوريت به آمريت کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔