سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف قومي عوامي تحريڪ جو مارچ روان دوان

دادو (رپورٽر) سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف ڪنڌڪوٽ مان نڪتل قومي عوامي تحريڪ جي مارچ جو ٻئين ڏينهن به سفر جاري، اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ محبت سنڌ جاڳرتا مارچ جو نصيرآباد، ميهڙ، ڪي اين شاهه، دادو ۽ مورو ۾ شاندار استقبال، اُم رباب مارچ جي قافلن ۾ شامل، ميهڙ، نصير آباد، ڪي اين شاهه، دادو، مورو سوڌو ٻين علائقن ۾ شهرين طرفان گُلن جي ورکا سان مارچ جي شاندار آجيان ڪئي وئي، هٿن ۾ بئنر ۽ جهنڊا کنيل ڪارڪنن جي آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف نعريبازي ڪئيوئي، جلسن کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي، سنڌ جو عوام وڏي جدوجهد لاءِ تيار ٿئي، نياڻيون سنڌ جي حفاظت لاءِ رستن تي نڪتيون آهن، مون سان سنڌ جو عوام گڏ آهي، اياز لطيف پليجو طرفان اٿارٽي آرڊيننس جي واپسي تائين تحريڪ جاري رکڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو، ان موقعي تي اُمِ رباب چيو آهي ته پيپلز پارٽي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ لاءِ وفاق کي اجازت ڏني، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ پنهنجا ئي موجود هئا، جاگيرداراڻي نظام جي خاتمي ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد ۾ آئون شرڪت ڪنديس، منهنجي پيارن کي بيگناهه قتل ڪيوويو، مون کي اڃان تائين انصاف ناهي ملي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔