اپوزيشن ملڪ کي نقصان پهچائڻ ۾ رڌل آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان طرفان اتحادين جي مان آجياڻو، اتحادي جماعتن وزيراعظم آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، متحده، جي ڊي اي ۽ ٻين اتحادين جون وزيراعظم آڏو نظرانداز ڪرڻ تي دانهون، فهميده مرزا طرفان سنڌ جي ٻهراڙين کي نظرانداز ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ويو، فهميده مرزا جو چوڻ هو ته وزيراعظم صاحب سنڌ جي مسئلن تي به ڌيان ڏيو، ذريعن موجب پير پاڳاري پاران به خدشن جو اظهار ڪيو ويو، پير پاڳاري جو چوڻ هو ته اسان اتحادي آهيون پر حڪومت ان جو ثبوت نه ڏئي رهي آهي، مانجهاندي ۾ متحده طرفان ڪراچي لاءِ اعلانيل منصوبن تي عمل نه ٿيڻ تي دانهون ڪيون ويون، وزيراعظم عمران خان خاطري ڪرائيندي چيو ته مون اوهان جا تحفظات ٻڌي ورتا، جلد ازالو ٿيندو، وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن ملڪ کي نقصان پهچائڻ ۾ رڌل آهي، اپوزيشن مون کي بليڪ ميل ڪرڻ گهري ٿي، اپوزيشن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔