آمريڪي چونڊون: ڊونلڊ ٽرمپ ٽن رياستن جي چونڊ نتيجن کي چيلنج ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽن رياستن جي چونڊ نتيجن کي چيلنج ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ري پبلڪن جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ رياست مشي گن، رياست وسڪونسن ۽ پنسلوانيا ۾ ووٽن جي ڳڻپ روڪڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ طرفان عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو اهي ته دونلڊ ٽرمپ جي ٽيم کي ووٽن جي ڳڻپ دوران مناسب پهچ حاصل نه هئي.

ياد رهي ته ان کان اڳ به آمريڪي صدر ڪيترائي ڀيرا ووٽن جي ڳڻپ ۾ ڌوڪي جا امڪان ظاهر ڪندو رهيو آهي ۽ ان حوالي سان  هن اڳ ئي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.

آمريڪي صدر گذريل ڏينهن اوچتو نتيجا رڪجي وڃڻ تي بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ته اوچتو نتيجا روڪڻ ڌوڪو آهي ۽ ان سان ڌانڌلي جا شڪ پيدا ٿي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔