وزيراعظم کي پنهنجي حقن جي خبرناهي ، هو پاڻ ٻين جي نوڪري ٿو: مريم نواز

اسڪردو: گلگت بلتستان جي چونڊ سلسلي ۾ مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز پارٽي اڳواڻن سان گڏ اليڪشن مهم جي لاءِ اسڪردو پهچي وئي

اسڪردو جي علائقي گمبا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته وزيراعظم مجبور آهي، هو ٻين جي نوڪري ڪري ٿو ، هن کي پنهنجي حقن جي خبر ئي ناهي .

مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪوڙا وعدا ڪرڻ وارن کي گهر پهچائي ساهه پٽينداسين .هي جيڪو منهن تي هٿ ڦيري ڳالهائي ٿو اهو هاڻي وڃڻ جو وارو آهي .

هن چيو ته ان جي پريشاني صحيح آهي ، هو پاڻ کي ويندي ڏسي رهيو آهي ، هن کي آخر ڌڪو گلگت بلتستان جو عوام ئي لڳائيندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔