اظهار جي آزاي جي آڙ ۾ مسلمانن جي توهين نه ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ توهين ڪو به مسلمان برداشت نه ٿو ڪري سگهي ، حضور صلي الله عليه وسلم جي ذات جي حرمت مڙني مسلمانن لاءِ نهايت ئي اهم آهي .

وزيراعظم عمران خان بوسنيا جي صدر سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته گستاخ خاڪن جي شايع ٿيڻ جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا ، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ مسلمانن جي توهين نه ٿيڻ گهرجي .اسان فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي

وزيراعظم چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستاني موقف جي تائيد تي بوسنيا جا ٿورائتا آهيون ، ٻنهين ملڪن واپار سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار جو فيصلو ڪيو آهي ، بوسنيا سان پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ بوسنيا جي دوري جي دعوت تي ان جا شڪر گذار پڻ آهيون .

بوسنيا جي صدر چيو ته کيس پاڪستان جي دوري تي اچڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ، ٻنهي ملڪن ڏکي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔