عوام کي ريليف ڏيڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: اطلاعات  واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ننڍين ۽  وچولي صنعتن کي رعايتي اگهن تي بجلي جي فراهمي سان ڪارخانا هلائينداسين. 

رپورٽ موجب اطلاعات واري وفاقي وزير  شبلي فراز ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان صنعتن لاءِ سستي بجلي جي فراهمي جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم طرفان عوام لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معاشي استحڪام طرف وٺي وڃڻ هڪ ٻيو قدم آهي.

شبلي فراز چيوته ننڍين ۽ وچولين صنعتن کي رعايتي اگهن تي بجلي جي فراهمي سان ڪارخانا هلائينداسين، غريب مزدورن جا چلها به ٻارينداسين عوام کي ريليف ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.

هن چيو ته مخالفن کي هر جڳهه تي شڪست ڏني آهي اسان کي پهريان غريب عوام جا مسئلا حل ڪرڻا آهن ان جي ڪري ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ غريبن کي رليف ڏيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔