ڪورونا وائرس دوران وقت تي فيصلا نه ڪيا ويا ته صورتحال خراب ٿي ويندي: ڊاڪٽر فيصل سلطان

اسلام آباد: وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو اهي ته ڪورونا صورتحال دوران اسان هن وقت اهڙي مرحلي تي آهيون جتي جيڪڏهن اسان وقت تي فيصلا نه ڪيا ته صورتحال وڌيڪ خطرناڪ حد تائين پهچي سگهي ٿي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو اهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ سختي جي ضرورت آهي.ٻئي طرف وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر(اين سي او سي) ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي روڪڻ جي لاءِ اضافي قدمن تي غور ڪيو آهي.

اسد عمر ٻڌايو ته ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي روڪڻ جي لاءِ اضافي قدمن جي حوالي سان تجويزون اڄ اين سي او سي جي  اجلاس ۾ رکيون وينديون. وفاقي وزير چيوته وبا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ معاشي سرگرمي متاثر ڪرڻ کان سواءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔