مون کي عهدي تان هٽائڻ جي سڀني کان وڏي خوشي ڀارت کي ٿي: فياض الحسن چوهاڻ

لاهور: اڳوڻي پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته مون کي اطلاعات  واري وزارت تان هٽائڻ جي سڀني کان وڏي خوشي ڀارت کي ٿي آهي.

صوبائي وزير اطلاعات جو قلمدان واپس وٺڻ کان پوءِ فياض الحسن چوهاڻ ٽوئٽ ڪندي چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي بهتري لاءِ ٿيندو آهي اهو اسان سڀني جو الله تي ايمان آهي.

فياض الحسن چوهاڻ چيو ته منهنجي اطلاعات جي وزارت جي واپسي تي سڀني کان  وڏي خوشي ڀارتي ميجر گوروآريا انڊين ڳجهي ايجنسي را، مڪس اچار پارٽي(پي ڊي ايم) ۽ خاص طور تي مسلم ليگ(ن) کي ٿي.

فياض الحسن چوهاڻ پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳائيندي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جو سپاهي آهيان ڪرپشن ۽ چورن خلاف ڳالهائيندو رهندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔