آمريڪي صدر جي چونڊ جو وقت اچي پهتو ، عوام اڄ نئين صدر لاءِ ووٽ وجهندو

نيويارڪ: دنيا جي واحد سپر پاور ملڪ تي ڪير ڪندو حڪمراني؟ امريڪي صدارتي چونڊ لاءِ اڄ ووٽنگ ٿي رهي آهي، آمريڪي شهري اڄ پنهنجي 46هين صدر کي چونڊڻ يا 45هين صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيهر چونڊڻ لاءِ ووٽ وجهندا ، عوامي راءِ ۽ تجزين موجب امريڪي ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن کي ٽرمپ تي سرسي حاصل آهي ،ٽرمپ سرپرائز جي تاريخ ورجائڻ لاءِ تيار آهي ، امريڪي تاريخ ۾ وقت کان اڳ پولنگ جو رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔