آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا ۾ دهشتگردي، فائرنگ ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

آسٽريا: يورپي ملڪ آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ يهودين جي عبادتگاهه ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا، مقامي ميڊيا موجب ٻن هٿياربندن هڪ ريسٽورينٽ ۾ ماڻهن کي يرغمال بڻايو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن سان مقابلي جي نتيجي ۾ 2 حملي آور به مارجي ويا،آسٽريا جي گهرو وزير واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي فرار ٿيل جوابدار کي فوري گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ عوام کي عوامي هنڌن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔