آرمي چيف سان افغان امن عمل جي نمائنده خصوصي زلمي خليل زاد جي ملاقات

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان افغان امن عمل بابت آمريڪي نمائندي خصوصي زلمي خليل زاد ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب افغان عمل سميت بارڊر مئنيجمينٽ ۽ افغانستان ۾ مستقل امن جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب زلمي خليل زاد خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔