ترڪي جي شهر اِزمير ۾ زلزلي جي تباهي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 26 ٿي ويو

ڪراچي : ترڪي جي شهر اِزمير ۾ 7 جي شدت واري زلزلي جي تباهي، عمارتون ڪرڻ سوڌو مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 26 ٿي ويو، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 800 کان وڌيڪ زخمي، تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروائيون جاري، ترڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلو ازمير شهر جي ساحل کان 17 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آيو، زلزلي کانپوءِ سمنڊ اُٿلي پيو ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، ڪيترائي مهاڻا سامونڊي پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ جا اطلاع، يونان ۾ به زلزلي ۽ سونامي سبب سيموس بندرگاهه وٽ ڪيتريون ئي عمارتون پاڻي هيٺ، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔