ڪورونا هڪ ٻئي ڊاڪٽر کان حياتي کسي ورتي، ڪي پي ڪي ۾ شهيد ڊاڪٽرن جو انگ 20 ٿي ويو

پشاور: ڪي پي ڪي ۾ ڪورونا وائرس هڪ ٻئي ڊاڪٽر کان حياتي کسي ورتي آهي. ڊاڪٽر سلطان زيب ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪورونا وائرس سبب بيمار هو.

ڊاڪٽر سلطان پشاور جي خيبر ڪاليج آف ڊينٽسٽري ۾ ايسوسيئيٽ ڊين آف ريسرچ هو، ڪورونا  ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ کيس حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ داخل ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر ايسوسيئيشن موجب صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب شهيد ٿيندڙ ڊاڪٽرن جو انگ 20 ٿي ويو آهي.

وڏي وزير محمود خان ڪورونا سبب متاثر ڊاڪٽر سلطان زيب جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وائرس دوران ڊاڪٽرن جون خدمتون تعريف جوڳيون آهن. شهري ڪورونا وبا کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل يقيني بنائين.

ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن موجب خيبرپختونخواهه طرفان اڃان تائين ڪنهن شهيد ڊاڪٽر يا هيلٿ ورڪرز لاءِ منظور ٿيل شهيدن وارو پيڪيج ناهي ڏنو ويو نه ئي ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرن کي ڪورونا الائونس ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔