عائزه خان جي ٽام ڪروز سان گڏ نڪتل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي: پاڪستاني ڊرامه انڊسٽري جي مشهور اداڪاره عائزه خان جي بالي ووڊ اسٽار ٽام ڪروز سان گڏ نڪتل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. تفصيل موجب مشهور ڊرامن پياري افضل، ميري پاس تم هو، تهوڙا سا حق مان شهرت جي بلندين تي پهچندڙ اداڪاره عائزه خان به بالي ووڊ اسٽار ٽام ڪروز جي مداح نڪتي.اداڪاره سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي ٽام ڪروز سان گڏ ترميم ٿيل تصوير پوسٽ ڪئي جنهن جي مداحن جي طرفان ڪافي تعريف ڪئي پئي وڃي. عائزه طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽام ڪروز جي مجسمي جي ڪلهي تي مٿو رکي مسڪرائي رهي آهي.اداڪاره تصوير جي ڪيپشن ۾ ٽام ڪروز لکيو ۽ ايموجيز جو استعمال ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔