آسٽريلوي بالر مچل جانسن رٽائرمينٽ کان پوءِ ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف

ميلبورن: اڳوڻو آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل جانسن جي رٽائرمينٽ کان پوءِ ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.اڳوڻي فاسٽ بالر جو چوڻ اهي ته ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کان پوءِ زندگي ڪافي مشڪل رهي اوچتو اوهان وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هجي، ائين لڳي ٿو ته اوهان پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو. مچل جانسن جو چوڻ هو ته رٽائرمينٽ کان پوءِ پاڻ تي اعتماد بابت مشڪل صورتحال کي منهن ڏنو پر هان بهتري طرف گامزن آهيان.هن ٻڌايو ته رٽائرمينٽ جو فيصلو مشڪل رهيو ۽ ان مون کي ڊپريشن جو شڪار ڪيو. اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جو چوڻ آهي ته مان ٻن سالن کان ڪرڪيٽ ناهي کيڏي پر هاڻ ڊپريشن کي منهن ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ مون کي اڳيان ڇا ڪرڻو آهي ان بابت سوچڻو آهي. هن چيو ته دماغ متحرڪ رکڻ جي لاءِ پان کي مصروف رکي رهيو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔