سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند

اسلام آباد: آل پاڪستان سي اين اين جي ايسوسيئيشن موجب سڄي سنڌ جا سي اين جي اسٽيشن اڄ صبح جو اٺين وڳي کان 24 ڪلاڪن  لاءِ بند رهندا.

خميس تي گيس جي سپلائي بحال ڪئي ويندي جڏهن ته جمعي تي 24 ڪلاڪن جي لاءِ گيس جي فراهمي معطل رهندي. ان دوران سي اين جي اسٽيشن بند رهندا ۽ آر ايل اين جي تي منتقل ٿيندڙ اسٽيشن کليل رهندا انهن کي گيس جي سپلائي معمول  موجب جاري رهندي.

اختيارين موجب سڄي سنڌ ۾ گريشر پريشر ۾ گهٽتائي سبب گهريلو صارفين ۽ ڪمرشل سيڪٽر جي طلب پوري ڪرڻ ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔