آذر بائيجان سان جنگ: آرمينيائي وزير اعظم جي گهرواري جو سرحد تي وڃڻ جو اعلان

آذر بائيجان سان جاري جنگ ۾ آرمينيائي وزير اعظم جي گهرواري به جنگ جي ميدان وڃڻ لاءِ فوجي تربيت حاصل ڪرڻ لڳي.
آذر بائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ”نگورنو ڪاراباغ“ جي تڪرار تي جنگ جاري آهي ۽ آزري فوج ڪيترن علائقن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي.
آذري فوج کي هن وقت آرمينيا تي برتري حاصل آهي ۽ ٻيهر جنگبندي جون ڪوششون به ناڪام ٿي چڪيون آهن.
ان صورتحال کان پوءِ آرمينيا جي وزير اعظم نڪول پاشنيان جي گهرواري آنا هڪوبيان به فوجي تربيت وٺڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
آرمينيائي وزير اعظم جي گهرواري فيس بڪ تي تصوير پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ هو فوجي لباس ۾ آهي ۽ تربيت حاصل ڪري رهي آهي.
آرمينيائي وزير اعظم جي گهرواري جو چوڻ آهي ته مون سان گڏ 13 عورت جنگي تربيت ۽ مشق ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان جلد ئي ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ بارڊر تي وينديون سين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔